لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب پوليس غداري ڪيس مان ميان نواز شريف کانسواءِ سڀني جوابدارن جا نالا خارج ڪري ڇڏيا آهن. اهڙو فيصلو سي سي پي او لاهور عمر شيخ جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس بعد ڪيو ويو. لاهور جي شاهدره ٿاڻي تي بدر رشيد نالي شهري جي درخواست تي مريم نواز، شاهد خاقان عباسي، احسن اقبال، خواجه آصف، ٽن ليفٽيننٽ جنرل (ر) قادر بلوچ، عبدالقيوم ۽ ترمذي، آزاد ڪشمير جي وزيراعظم راجه فاروق حيدر سميت 41 جوابدارن کي نامزد ڪيو ويو هو. ڪيس کان عمران خان لاتعلقي جو اظهار ڪيو هو. بدر رشيد جنهن تي ڪيترائي ڪرمنل ڪيس داخل آهن، اهو پي ٽي آءِ جو ميمبر آهي جنهن کان پارٽي وارن لاتعلقي ظاهر ڪئي هئي ۽ هو پراسرار نموني ڪيس داخل ڪرائڻ بعد گم ٿي ويو هو.










