ڪوئلي ڪمپني پاران ڳوٺاڻن جو پاڻي بند، ڪُٽڪو

ڪوئلي ڪمپني پاران ڳوٺاڻن جو پاڻي بند، ڪُٽڪو

ٺٽو (رپورٽ: جاويد لطيف ميمڻ)جھمپير جي ڳوٺ لطيف چانگ ڀرسان قائم  هڪ ڪول مائنز جي انتظاميه ڳوٺاڻن جي پيئڻ جو پاڻي بند ڪري ڇڏيو. سبب معلوم ڪرڻ لاءِ ويل ڳوٺاڻي کي ڪٽڪو ڏئي روانو ڪيو. ڪمپني جي غيرمقامي ملازمن سيڪيورٽي گارڊن جي مدد سان مقامي ماڻھن جو جيئڻ جنجال بنائي مٿن حملا ڪرڻ روز جو معمول بنائي ڇڏيو آھي، ڪمپني جي ملازمن پورھيت غلام حيدر عرف نوشي چانگ کي مار ڪٽ ڪئي. جھمپير ٿاڻي تي حملي آورن بااثر ڌارين ماڻھن خلاف اين سي پڻ داخل ڪرائي ويئي آھي، پر اڃان تائين ڪابه گرفتاري عمل ۾ اچي ناھي سگھي، ٻئي طرف زخمي غلام حيدر عرف نوشي چانگ ٻڌايو ته سندن ڳوٺ ڀرسان ڪوئلي جون کاڻيون قائم آھن، جن تي ڌاريا ماڻھو قابض ٿي مقامي ماڻھن کي تنگ ڪن ٿا. مقامي ڳوٺاڻن جي پيئڻ جو پاڻي به بند ڪري مقامي ماڻھن جا رستا، لنگهه بند ڪري کين پنھنجي گھرن تائين محدود رهڻ جو چون ٿا.اسين پنھنجي ئي گھرن ۾ به غيرمحفوظ بڻجي ويا آھن، ضلعي انتظاميه ۽ اسانجا چونڊيل نمائنده خاموش تماشائي بڻيل آھن، ھن چيو ته اھا صورتحال رھي ته ڌاريا ماڻھو سموري ڪوھستاني پٽي تي قابض ٿي ڌرتي ڌڻين کي بيدخل ڪري ڇڏيندا. ھن ڊي سي ٺٽو، ايس ايس پي ٺٽو سميت سمورن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته ساڻن انصاف ڪري مٿس حملو ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪري سندن ڳوٺن جو بند ٿيل پاڻي بحال ڪري کين روزگار سميت سموريون بنيادي سھولتون مھيا ڪري کين ڌارين ماڻھن جي آزار مان نجات ڏياري وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو