بدين (ن سنڌيار) وٽرنري ڊاڪٽر آيت الله جروار جي آزادي لاءِ ساٿي ڊاڪٽرن ۽ ٻئي عملي جو ايوان صحافت آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري سندس بازيابي جو مطالبو ڪيو. ٽي مھينا اڳ ٽنڊوباگو مان کنڀي گم ڪيل 17 گريڊ جي وٽرنري ڊاڪٽر آيت الله جروار کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف پنجاه کان مٿي وٽرنري ڊاڪٽرن ٻين ملازمن احتجاج ڪندي هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي ڊاڪٽر آيت الله کي بازياب ڪريو جا نعرا هنيا . هنن چيو ته 06 جون تي ڊاڪٽر آيت الله کي گهران کنڀي گم ڪيو ويو آھي۔ هنن چيو ته جيڪڏهن ڊاڪٽر تي ڪو ڪيس هجي ته کيس عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي۔ ٻي صورت ۾ کيس فوري آزاد ڪري وارثن ۽ وٽرنري ملازمن جي بيچيني ختم ڪئي وڃي .










