لاهور(ويب ڊيسڪ) وفاقي وزير شيخ رشيد مريم نواز کي آخري چتاءُ ڏيندي چيو آهي ته سندس خلاف حملا بند نه ٿيا ته اهڙيون خبرون منظرعام تي آڻي سگهان ٿو جو ملڪ ۾ زلزلو اچي ويندو، پريس ڪانفرنس ۾ هن چيو ته مولانا فضل الرحمان کي مشورو ڏيان ٿو ته بچو، هنن توهان کي ٻه ڀيرا استعمال ڪيو، هاڻ توهان انهن کي استعمال ڪريو. شيخ رشيد چيو ته 31 ڊسمبر ۽ جنوري ۾ سڀني کي ٻهارو اچي ويندو، مريم نواز کي عورت هجڻ جي ڪري جيڪي رعايتون مليون، هوءَ پاڻ اُهي رعايتون ختم ڪرڻ گهري ٿي. هن چيو ته ملڪ مان 30 سالن تائين دهشتگردي، فرقيواريت ۽ شدت پسندي خلاف وڙگهندڙ فوج خلاف جنگ جو اعلان ڪندڙ نواز شريف جي سياست جو محور رڳو سندس ذات آهي، ڪوبه مسلم ليگي پاڪ فوج خلاف نٿو ٿي سگهي. شيخ رشيد چيو ته بلاول ڀٽو سان محبت آهي، مون کي خبر آهي ته پيپلز پارٽي ڪڏهن به استيعفيٰ نه ڏيندي، عمران خان به چاهيو پئي ته نواز شريف پرڏيهه هليو وڃي، هُن پاڻ ئي اهڙو فيصلو ڪيو هو.










