لاهور (ويب ڊيسڪ) گلوڪار ۽ اداڪار علي ظفر جي ڪردار ڪُشي جي مهم هلائڻ واري ڪيس ۾ اداڪارا عفت عمر عبوري ضمانت حاصل ڪري ورتي آهي. علي ظفر جي درخواست تي اداڪارا ميشا شفيع سميت 8 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ واري معاملي ۾ فيڊرل انويسٽيگيشن ايجنسي(ايف آءِ اي) جو سائبر ڪرائم سيل هڪ به جوابدار کي گرفتار نه ڪري سگهيو آهي. ڪيس ۾ نامزد عفت عمر عبوري ضمانت حاصل ڪري ورتي آهي. ايف آءِ اي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪيس ۾ نامزد ميشا شفيع سميت 8 جوابدارن کي ايف آءِ اي بيان رڪارڊ ڪرڻ جي لاءِ ڪيترائي ڀيرا گهرايو پر جوابدار جاچ ۾ شامل نه ٿيا ان ڪري انهن جي گرفتاري جي لاءِ گهرن تي ڇاپا هنيا ويندا. ايف آءِ اي علي ظفر جي درخواست تي 2 سال جاچ کان پوءِ اداڪاره ميشا شفيع ۽ ان جي دوستن خلاف ڪيس داخل ڪيو آهي. ياد رهي ته ميشا شفيع اڳ ۾ علي ظفر تي جنسي هراسگي جو الزام لڳايو هو. علي ظفر ان باري ۾ ثبوت سامهون آندا ته هڪ ڪانٽريڪٽ رد ڪرڻ لاءِ مٿس ڪوڙو الزام لڳايو ويو هو.










