صدارتي چونڊ بحث دوران ٽرمپ ۽ جو بائيڊن ۾ گار گند

صدارتي چونڊ بحث دوران ٽرمپ ۽ جو بائيڊن ۾ گار گند

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۾ صدارتي چونڊن لاءِ ريپلبڪن اُميدوارن صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ ڊيموڪريٽڪ اُميدوار جو بائيڊن ۾ پهريون صدارتي بحث تڪرار جي ور چڙهي ويو، سپريم ڪورٽ، ڪورونا وائرس، نسلي تعصب خلاف مظاهرا ۽ شهرن ۾ ڇڪتاڻ، اليڪيشن ۽ معيشت جي موضوع سان ٿيل بحث ۾ ٻنهي اُميداورن جون هڪٻئي تي اُلرون ڪندي گهٽ وڌ ڳالهايو. ٽرمپ مخالف اُميدوار کي چڙ ڏيارڻ لاءِ بحث هر هر وچ ۾ ڳالهائيندو رهيو. جو بائيڊن هر هر مداخلت ڪرڻ تي ٽرمپ کي شٽ اپ چوندو رهيو. بحث دوران ميزبان به ٽرمپ کي هر هر ڳالهائڻ کان روڪيو ۽ بائيڊن کي ڳالهائڻ ڏيڻ لاءِ زور ڀريندو رهيو، ٽرمپ ڊيموڪريٽ پارٽي کي چور ۽ بائيڊن کي ڪوڙو قرار ڏيندو رهيو.  ٽرمپ چيو ته نتيجا اچڻ ۾ ڪيترائي مهيان لڳي سگهن ٿا. جو بائيڊن چيو ته اوهين نتيجا تسليم ڪندا، ٽرمپ جواب نه ڏنو. ماضي ۾ اهڙو لڪاءُ گهٽ ئي نظر ايندو رهيو آهي. سروي پولز ۾ ڊونلڊ ٽرمپ هارائي سگهي ٿو، جنهن بعد هو پرامن طريقي سان اقتدار منتقل نه ڪرڻ جو به حامي لڳي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو