اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي آءِ اي جي چيف ايگزيڪٽو آفيسر ارشد ملڪ چيوآهي ته رضاڪاران طور نوڪري ڇڏڻ جي اسڪيم متعارف ڪري رهيا آهيون جنهن ذريعي 3200 ملازمن کي فارع ڪنداسين. اهڙو اظهار هن سينيٽ جي قائمه ڪميٽي کي بريفنگ دوران ڪيو. هن چيو ته 39 جهاز آهن ۽ ساڍا چوڏنهن هزار ملازم آهن، 100 ارب روپيا قرض آهي ۽ 400 ارب روپيا خسارو آهي، دنيا جي ڪا به ايئرلائن اهڙين حالتن ۾ بهتر نٿي ٿي سگهي. هن چيو ته اسين اهڙا اپاءَ وٺي رهي آهيون جيئن ٻن سالن م پي آءِ اي کي ٺيڪ ڪري سگهون.










