سردار بوزدار پي پي ۾ شامل، علي گوهر کي هڪ ٻيو ڌچڪو

خانپورمهر(رپورٽ:آفتاب سيال)خانڳڙھ جي مهر سردارن علي گوهر مهر ۽ محمد بخش مهر وچ ۽ اختلافن بعد علي گوهر مهر پاران پڳ معاملي تي پاور شو ڏيکارڻ بعد محمد بخش مهر به پنهنجي رهائشگاھ تي سياسي رونقون لڳائي ڇڏيون آهن ان ڏس ۾ سنڌ جو وڏو وزير خانڳڙھ پهچي ويو آهي جنهن محمد بخش مهر جي رهائشگاہ تي ئي پارٽي اجلاس ڪيو آهي، سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاھ، نثار کهڙو ۽ شرجيل ميمڻ هيليڪاپٽر وسيلي سردار ڪاٽن فيڪٽري لٿو جتي سردار محمد بخش خان مهر سندس آجيان ڪئي جتان وڏو وزير قافلي جي صورت ۾ لکي بنگلي پهتو جتي بنگل خان مهر، احمد علي خان مهر ۽ ٻين سندس پرجوش استقبال ڪيو، ان کان اڳ سنڌ ڪابينا جا وزير، مشير، پارٽي اڳواڻ توڙي ڪامورا موجود هئا.

Photo DIO

جڏهن ته سنڌ جي وڏي وزير جي صدارت هيٺ خانڳڙھ جي لکي بنگلي ۾ گڏجاڻي پڻ ٿي جنهن ۾ پ پ ايم اين اي محمد بخش مهر، صوبائي وزير سعيد غني، صوبائي وزير ناصر شاهه، نثار کهڙو، فرخ شاهه،مڪيش چاولا، ڄام اڪرام خان ڌاريجو, عبدالباري خان پتافي , مهتاب خان ڏھر،بنگل خان مهر، احمد علي مهر، عارف خان مهر. سردار رحيم بخش خان بوزدار سرددار صلاح الدين لغاري. بابر خان لنڊ ۽ ٻين شرڪت ڪئي، گڏجاڻي ۾ سکر، گهوٽڪي ۽ خيرپور ضلعي سان تعلق رکندڙ پارٽي جي عهديدارن به شرڪت ڪئي گڏجاڻي ۾ وڏي وزير پارٽي اڳواڻن سان پارٽي صورتحال تي ڳالھ ٻولھ ڪئي ۽ ڪمن ڪارن جي حوالي سان بريفنگ ورتي جنهن بعد وڏي وزير پاران محمد بخش مهر وٽ مانجهاندو ڪيو، وڏي وزير جي آمد وقت جي ڊي اي ايم پي اي علي گوهر مهر جو ڀائيٽو مرحوم سردار علي محمد خان مهر جو فرزند موجود هيو پر هن طرفان پ پ ۾ شموليت جو اعلان نه ڪيو ويو جنهن بابت اهي افواھ هئا ته هو اڄ پ پ ۾ شموليت جو اعلان ڪندو پر کيس سندس مامو محمد بخش مهر پ پ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ راضي نه ڪري سگهيو، جڏهن ته خانڳڙھ جي لکي بنگلي ۾ ئي محمد بخش مهر پاران پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو جي سالگرھ جي تقريب رکي وئي جنهن جو ڪيڪ وڏي وزير ۽ ٻين ڪاٽيو، سنڌ جو وڏو وزير خانڳڙھ جي لکي بنگلي ۾ رٿيل سمورا پروگرام مڪمل ڪرڻ بعد جروار ويجهو پ پ گهوٽڪي جي صدر بابر لنڊ جي رهائشگاھ تي پهتو جتي هن سندس ڀاءُ جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي جتان هو سردار علي گوهر خان مهر جي ويجهي ساٿي اڳوڻي ايم پي اي رحيم بخش بوزدار وٽ ڳڙهي چاڪر پهتو جتي هن رحيم بخش بوزدار سان نويڪلائي ۾ ملاقات ڪئي بعد ۾ رحيم بخش بوزدار وڏي وزير مراد علي شاھ ۽ نثار کهڙو سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي علي گوهر مهر سان اتحاد ختم ڪرڻ جو اعلان ڪندي برادري سميت پ پ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو ان دوران پريس ڪانفرنس ڪندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو ته آئون سردار رحيم بخش خان بوزدار جو شڪر گذار آهيان جو هن پ پ ۾ شموليت ڪئي آهي، هن چيو ته بوزدار سردار سان پارٽي جا پاراڻا لاڳاپا آهن جنهن آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو مٿان اعتماد جو اظهار ڪيو جنهن تي خوش آمديد ڪيون ٿا،

Photo DIO

هن جو وڌيڪ چوڻ هيو ته پورو سال امتحان جو سال رهيو، پهرين ماڪڙ، پوءِ ڪورونا ۽ مٿان وري بارشن زراعت جي حوالي سان تباهي مچائي جنهن ڪري 6 ضلعن کي سخت نقصان رسيو آهي، وڏي عرصي بعد اپوزيشن جماعتون گڏ ٿيون آهن، ملڪ ۾ حقيقي جمهوريت بحال ڪرڻ لاءِ شهيد راڻي جي شهادت بعد غير جمهوري قوتن کي روڪڻ لاءِ بلاول ڀٽو ميدان ۾ آيو آهي، مراد علي شاھ جو وڌيڪ چوڻ هيو ته سي ايس آر فنڊ مقامي علائقن لاء مختص هوندا آهن صوبي ۾ موجود ملٽي نيشنل ڪمپنين کان روزگار سميت ٻين مسئلن جي حل لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون، جڏهن ته صوبي کي مڪمل فنڊ ڏيڻ لاءِ وفاق سان جهيڙو ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته ڪوآرڊينيشن ڪاميٽي ٺهڻ سان صوبي ۾ جاري وفاقي پراجيڪٽن ۾ تيزي آئي آهي. سنڌ جو وڏو وزير پريس ڪانفرنس بعد واپس روانو ٿي ويو. خانڳڙھ ۾ وڏي وزير جي آمد دوران سڪيورٽي جا انتهائي سخت انتظام ڪيا ويا هئا، خانڳڙھ جي لکي بنگلي ۾ ميڊيا جي داخلا تي به پابندي لڳائي وئي هئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو