چورين جو آزار، پوليس خاموش، ڳوٺاڻن جو احتجاج

نوشهروفيروز( رپورٽ منظور ملڪ) ڳوٺ مان چوري ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار نه ڪرڻ ۽ نوشهروفيروز پوليس جي زيادتين خلاف ڳوٺ راضي خان کوسو جي رهواسين نذير احمد کوسو، فقير مزار، شاهد، عبدالمجيد کوسو جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته 15 ڏينهن اڳ چور اسان جي گهرن مان بيٽريون، سولر پليٽون ۽ 30 هزار روڪ رقم چوري ڪري ويا هئا اهڙو ڪيس اسان نوشهروفيروز ٿاڻي تي جوابدار رمضان، محمد عرس، راڻو خان کوسو ۽ ٻين خلاف داخل ڪرايو آهي پر نوشهروفيروز پوليس بااثر جوابدارن خلاف ڪا به ڪارروائي نه ڪئي جنهن کان پوءِ اسان ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائيسين جنهن اڄ ٻڌڻي هئي ته مورو پوليس جو ڊي ايس پي ۽ ايس ايڇ او وڏا اٽالا ساڻ ڪري رات جو گهرن تي چڙهائي ڪري ڪورٽ جي ٻن شاهدن حاڪم علي ۽ عنصر علي کي زبردستي گرفتار ڪري ويا آهن جيڪا سراسر ناانصافي آهي. هنن آءِ جي سنڌ ۽ وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوشهروفيروز پوليس جي زيادتين جو نوٽيس وٺي چوري ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو