‘پي ڊي ايم قائم، ايجنسيون سياسي مداخلت بند ڪن’

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اپزيشن پاران پاڪستان ڊيموڪرٽڪ موومينٽ يعني پي ڊي ايم نالي نئون اتحاد قائم ڪري حڪومت کي هٽائڻ لاءِ تحريڪ جو اعلان ڪري ڇڏيو. سياست ۾ اسٽيبلشمينٽ جي ڪردار جو خاتمو ڪيو وڃي. اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جو تفصيل مولانا فضل الرحمان 26 نقاطي پڌرنامو پڙهي ٻڌايو ته اجلاس سمجهي ٿو ته اسٽيبلشمينٽ جي سياسي ڪردار کي قومي سلامتي لاءِ خطرو سمجهي ٿو. اسٽيبلشمينٽ آئيني حدن ۾ رهي ڪم ڪري، فور چونڊ سڌارا ڪيا وڃن جن ۾ فوج ۽ ايجنسين جو ڪو ڪردار ادا نه هجڻ گهرجي. اجلاس ۾ فيصلو ٿيو ته 18 هين ترميم، صوبائي خودمختاري ۽ اين ايف سي سان ڇيڙ ڇاڙ برداشت نه ڪندي. ميڊيا تي پابنديون ختم ڪريو، مير شڪيل کي آزاد ڪيو، آزاد ججن خلاف ريفرنس داخل ڪري ڌمڪائڻ بند ڪري.پارليامينٽ م هڪومت سان ڪو تعاون نه ڪيو ويندو، عاصم سليم باجوا خلاف جاچ اين ڪريو جيئن اپوزيشن خلاف ڪئي پئي وڃي، جاچ مڪمل ٿيڻ تائين کيس عهدي تان هٽايو. گلگت جي چونڊ ۾ ايجنسين جو ڪردار ختم ڪري، لاپته ماڻهو بازياب ڪريو ۽ مانهو گم ڪرڻ جو سلسلو بند ڪريو، ٽرٿ اينڊ ري ڪسنيليئيشن ڪميشن ٺاهي 1447 کان هن وقت تائين جو جائزو ورتو وڃي. قبائلي علائقن ۾ مداخلت بند ڪريو. هن ٻڌايو ته آڪٽوبر ۾ چئني صوبن ۾ جلسا جلوس ڪنداسين، ڊسمبر ۾ احتجاجي مظاهرا ۽ جنوري ۾ اسلام آباد ڏانهن مارچ ڪنداسين. شهباز شريف چيو ته فيصلا اتفاق راءِ سان ڪيا آهن. بلاول ڀٽو چيو ته عمران خان نيازي ۽ سندس سهولتڪارن خلاف تحريڪ شروع ڪريون ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو