جي ڊي اي پير سائين پاڳارو جي سربراهي ۾ متحد آهي، ارباب

ڪلوئي (غلام مصطفي نهڙيو)جي ڊي اي جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم چيو آهي ته جي ڊي اي پير سائين پاڳارو جي سربراهي ۾ متحد آهي. جنهن کي انشاء الله اڳي کان وڌيڪ مضبوط ۽ فعال بنايو ويندو. جاري ڪيل بيان ۾ هن ٻڌايو ته سنڌ جون کوڙ ساريون سياسي ڌريون جلد جي ڊي اي جو حصو بڻبيون. هن چيو ته جي ڊي اي سنڌ جي ضرورت آهي ۽ سنڌ ۾ متبادل سياسي قوت لازمي آهي اختلاف راءِ ضرور ٿيندي رهي ٿي پر جي ڊي اي قائم ۽ دائم رهندو.

File Photo

هن چيو ته جيستائين مهر صاحب جو مسئلو آهي ته ان کي پرچائبو ۽ رنجشون دور ڪنداسين. هن چيو ته ڪورونا جي ڪري سياسي سرگرميون ماٺيون آهن. مان ڏينهن ٻن ۾ ڪراچي ويندس پير سائين پاڳارو صدرالدين شاھ صاحب ۽ جي ڊي اي جي سمورن دوستن سان ملاقاتون ڪري دوستن جون جيڪڏهن شڪايتون هونديون ته ختم ڪنداسين.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو