ڇهين کان اٺين درجي جا ڪلاس هفتي لاءِ ملتوي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي تعليم واري وزير سعيد غني ڪورونا ٽيسٽ مثبت اچڻ بعد 21 سيپٽمبر کان ڇهين کان اٺين ڪلاس وارا اسڪول کولڻ جو فيصلو هڪ هفتي لاءِ ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته جيڪڏهن ايس او پيز تي عمل نه ڪيو ويو ته کوليل تعليمي ادار به بند ڪرڻا پوندا. جمعي تي ايگرو ٽيڪنيڪل گورنمينٽ بوائز سيڪنڊري اسڪول نيو ڪراچي جي دوري دوران صحافين سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته افسوس جي ڳالهه آهي ته هاڻ به اسڪولن ۾ ايس او پيز تي عمل نه پيو ڪيو وڃي، ڪالهه به اورنگي ٽائون ۾ چار اسڪول سيل ڪيا هئا، جن مان 3 رجسٽرڊ ئي ناهن.ائين پيو لڳي ته هاڻي اسڪولن کي بند ڪرڻو پوندو. سعيد غني ٻڌايو ته اسڪول ۽ ڪاليجن ۾ ڪورونا جا ٽيسٽ هلن پيا،  13 هزار شاگردن ۽ استادن جا ٽيسٽ ٿي چڪا آهن جن مان 88 شاگردن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي آهي، جيڪڏهن محسوس ٿيو ته شيون درست رخ ۾ نه پيون وڃن ته اسڪول بند ڪرڻ ۾ دير نه ڪبي، ٻارن جي صحت تي ڪوبه سمجهوتو نه ٿيندو. ياد رهي ته مٽياري ۾ به 8 استادن جا ٽيسٽ مثبت اچڻ بعد ڪالج بند ڪئي وئي هئي. هن چيو ته پرائمري جا اسڪول اڃا ناهن کليا پر ڪجهه اسڪولن ۾ ننڍا ٻار مون ڏٺا آهن، هن چيو ته والدين ذميواري جو مظاهرو ڪن ننڍن ٻارن کي نه موڪلين. هن چيو ته خلاف ورزي ڪندڙ اسڪولن خلاف ڪاروائي ڪنداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو