انگورن مٽائڻ جي معمولي ڳالهه تان جهڙو 10 ڄڻا زخمي

انگورن مٽائڻ جي معمولي ڳالهه تان جهڙو 10 ڄڻا زخمي

نوشهروفيروز (رپورٽ اسد علي عمراڻي)ٺاروشاهه چوڪ تي انگور مٽائي نه ڏيڻ جي معمولي ڳالهه  تان سيد ۽ مهر برادري جي ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو لٺين، سروٽن ۽ ڏنڊن لڳڻ جي نتيجي ۾ ٻنهي ڌرين جا ڏهه ڄڻا زخمي ٿي پيا زخمين ۾ انيل شاهه، رحمان شاهه، صدام شاهه، غلام شاهه، نورمحمد مهر ، عاقب مهر ، مشتاق مهر، شيراز مهر، الطاف، مرتضي شامل آهن جن کي سول اسپتال نوشهروفيروز ۾ داخل ڪيو ويو آهي جتي نوشهروفيروز پوليس پهچي  وئي. جڏهن ته  واقعي جو ڪيس داخل ناهي ٿي سگهيو۔

پهنجو تبصرو موڪليو