پوليو جا 9 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد مجموعي انگ 72 ٿي ويو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان جي مختلف شهرن مان پوليو جا 9 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن جن مان 7 ڪيس پوليو ٽائپ ٽو جا آهن، جيڪو انتهائي خطرناڪ وائرس آهي. ڊبليو ايڇ او موجب ٽائپ ٽو وائرس اڪثر دنيا مان ختم ٿي چڪو آهي پر پاڪستان سميت چند ملڪن ۾ ان جي موجودگي خطرناڪ آهي. ٽائپ ٽو، جنهن کي ‘سي وي ڊي پي وي 2’ به چيو ويندو آهي، سان مريض مفلوج ٿي ويندوآهي. هن قسم جي پوليو وائرس جي ڦهلجڻ جو سبب پوليو ويڪسين کان انڪار ڪرڻ آهي. پوليو جي 9 ڪيسز مان 2 وائلڊ وائرس جا آهن جن  مان هڪ رحيم يار خان ۽ ٻيو بلوچستان جي ضلعي قلعه عبدالله ۾ ظاهر ٿيو آهي. مجموعي طور پنجاب ۾ 7 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن جن مان 6 ڪيس ‘سي وي ڊي پي وي 2’ وائرس جا آهن. سنڌ ۾ حيدرآباد ۽ ڪورنگي مان هڪ هڪ ڪيس ان نوعيت جا رپورٽ ٿي آهن. جنهن بعد هلندڙ سال ملڪ ۾ پوليو جا ڪيس 72 ٿي ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو