اليڪشن ڪميشن سنڌ ۾ تڪ بنديون ملتوي ڪري ڇڏيون

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان سنڌ حڪومت ۽ پيپلز پارٽي جي درخواست تي صوبي ۾ بلدياتي چونڊن کان اڳ نئين سر حلقه بنديون موخر ڪري ڇڏيون آهن. اڳ ۾ ڪميشن 31 آگسٽ تي ننئين سر حلقه بندين جو نوٽيفڪيشن جاري ڪندي چيو هو ته 30 آڪٽوبر تائين نيون تڪ بنديون مڪمل ڪيون وينديون. جنهن بعد پيپلزپارٽي جي اڳواڻن تاج حيدر، نثار کهڙو ۽ مرتضيٰ وهاب ۽ سنڌ جي مڪاني کاتي جي نمائندن مخالفت ڪندي چيو هو ته 2017 ۾ ٿيل آدمشماري جي حتمي نتيجن تائين تڪ بنديون روڪيو. اليڪشن ڪميشن سندن موقف ٻڌڻ بعد فيصلو محفوظ ڪيو هو جيڪو خميس تي جاري ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو