زرداري خلاف ضمني ريفرنس ختم ڪرڻ بابت فيصلو محفوظ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)احتساب عدالت پارڪ لين، ٺٽو واٽر سپلاءِ اسڪيم ۽ ميگا مني لانڊرنگ ريفرنسز ۾ داخل ڪيل ضمني ريفرنسز خارج ڪرڻ لاءِ آصف زرداري جي درخواستن تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو، اعظم خان جي عدالت ۾ ٻڌڻي دوران اڳوڻي صدر جي وڪيل فاروق ايڇ نائڪ دليل ڏيندي چيو ته ٺٽو واٽر سپلاءِ اسڪيم، پارڪ لين ۽ ميگا مني لانڊرنگ ريفرنسز ۾ نيب پاران داخل ڪيل ضمني ريفرنس خارج ڪيا وڃن ڇو ته اهي قانون جي خلاف داخل ڪيا ويا آهن. هن چيو ته عام ڪرمنل ڪيس ۾ اڳ ۾ اڌورو ۽ بعد ۾ مڪمل چالان پيش ٿيندو آهي پر نيب قانون ۾ اهڙي گنجائش ناهي. ضمني ريفرنس نيب جي بدنيتي ظاهر ڪن ٿا. نيب پراسيڪيوٽر درخواستن جي مخالفت ڪندي چيو ته نيب قانون ۾ ڪٿي به ايئن ناهي لکيل جيڪو ڪجهه فاروق نائڪ چوي ٿو. هن زرداري جون درخواستون رد ڪرڻ جي استدعا ڪئي. هن چيو ته ٺٽو واٽر سپلاءِ اسڪيم ريفرنس داخل ٿيڻ بعد وڌيڪ شاهديون سامهون آيون، هڪ جوابدار ڏوهه جو اعتراف ڪندي پلي بارگين به ڪيو آهي، نيب طرفان نوٽيس موڪليو ويو پر آصف زرداري جو اڃا تائين ڪوبه جواب نه آيو آهي. عدالت محفوظ ڪيل فيصلو سڀاڻي جمعي تي ٻڌائڻ جو اعلان ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو