ڪورونا ايس او پيز تي عمل نه ڪرڻ سبب 24 تعليمي ادارا بند

ڪورونا ايس او پيز تي عمل نه ڪرڻ سبب 24 تعليمي ادارا بند

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪورونا وائرس جي ايس او پيز تي عمل نه ڪرڻ ۽ استادن جي وائرس ۾ مبتلا هئڻ سبب ملڪ جي 24 تعليمي ادارن کي بند ڪيو ويو آهي. سنڌ جي صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته سيوهڻ ۽ مٽياري جي ڪاليجن ۾ 8، 8 استادن ۾ وائرس جي تصديق بعد ٻنهي ڪاليجن کي بند ڪيو ويو آهي. پوري ملڪ ۾ تقريبن 6 مهينن بعد تعليمي ادارا کوليا ويا آهن، پر حڪومت جي طرفان ڪورونا وائرس جي پکيڙ روڪڻ جي لاءِ ايس او پيز جاري ڪيل آهن ۽ ان تي عملدرآمد نه ٿيڻ تي سخت ايڪشن ورتو ويو آهي، نيشنل ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر موجب ملڪ ۾ گذريل 48 ڪلاڪن جي دوران ڪورونا ايس او پيز تي عملدرآمد نه ڪرڻ تي 22 تعليمي ادارن کي بند ڪيو ويو آهي، جن ۾ ڪي پي ڪي ۾ 16، اسلام آباد ۾ هڪ ۽ آزاد ڪشمير ۾ 5 تعيليمي ادارن کي بند ڪيو ويو آهي. جيڪي اسڪول ايس او پيز تي عملدرآمد نه ڪندا انهن کي بند ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو