سنڌ حڪومت ۽ فشر فوڪ فورم پاران ٻيٽن تي قبضي خلاف مزاحمت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت ۽ فشر فوڪ فورم پاران ڌار ڌار ڪيل پريس ڪانفرنسز ۾ سنڌ جَي ٻيٽن تي شهر اڏڻ وارَي وفاقي منصوبي کي رد ڪري ڇڏيو آهي. فشر فوڪ فورم ۽ سول سوسائٽي پاران تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. صوبائي وزير اسماعيل رهاو چيو آهي ته ڏنگي ۽ ٻُنڊاڙ سوڌو ٻيا ٻيٽ سنڌ جِي ملڪيت آهن. وفاق کي ٻيٽن تي شهر اڏڻ نه ڏينداسين ۽ سنڌ سرڪار پنهنجِي سامونڊي حدن ۾ ملڪيتن جو تحفظ ڪندي. اسماعيل راهو چيو ته سنڌ سان وفاقي سرڪار جِي زيادتين جو سلسلو جاري آهي، ماڪڙ ۽ ڪورونا جِي وبائي حالتن جيان برسات جِي تباهڪارين ۾ به وفاق سنڌ ۾ متاثرن جِي سار نه لڌِي، تازين برسات جَي نتيجي ۾ عمرڪوٽ ۾ 100، ميرپور خاص ۽ بدين ضلعي ۾ 90 سيڪڙو فصل تباهه ٿي ويا. صوبائي وزير چيو ته صوبي ۾ مجموعي طور 15 لک 20 هزار ايڪڙ تي پوکيل وونئڻ جو فصل تباهه ٿي ويو، ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس دوران برسات صوبي جِي زراعت کي ڪاپارِي ڌڪ هنيو آهي، برسات متاثر ۽ آبادگار وزيراعظم جَي امدادي پيڪيج جَي اوسيئڙي ۾ آهن. ٻئي پاسي فشر فوڪ فورم ۽ سول سائٽي جي نمائندن سنڌ جي ڏنگي ۽ ٻُنڊاڙ ٻيٽ تي نوان شهر اڏڻ واري منصوبي خلاف تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪيو آهي. محمد علي شاهه، اسد اقبال بٽ، ڪرام علت ۽ ٻين ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس دوران چيو آهي ته سنڌ جا ٻيٽ 8 لک مهاڻن جي روزگار جو ذريعو ۽ صوبي جي ملڪيت آهن، اڳواڻن ڏنگي ۽ ٻُنڊاڙ ٻيٽ تي نوان شهر اڏڻ وارو فيصلو واپس وٺڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته وفاقي سرڪار طرفان پاڪستان آئيلينڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي جوڙڻ جو مقصد ملڪ جي هڪ هزار 50 ڪلوميٽرز تي پکڙيل ٻيٽن تي قبضو ڪرڻ آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو