بمبلي مائنر مان تازي ڄاول ٻار جو لاش هٿ

ٺڪراٺو (ن سنڌيار)بمبلي مائنر جي آر ڊي 82 وٽان هڪ تازي ڄاول ٻار جو لاش مليو آهي جنهن کي نامعلوم ڄاڻائي پوليس دفنائي ڇڏيو. مال جي ڌنارن لاش لڙهندي ڏسي ڳوٺاڻن کي اطلاع ڏنو ته هجوم گڏ ٿي ويو ۽ ڳوٺاڻن پاران ايس ايڇ او مبارڪپور کي اطلاع ڏنو جنهن پوليس موڪلي ۽ لاش کي ڳوٺاڻن جي مدد سان واھ مان ٻاهر ڪڍرايو ويو ، لاش پراڻو هجڻ ڪري اها تصديق نه ٿي سگهي ته لاش نياڻي جو آهي يا نينگر جو لاش جي حالت خراب هجڻ ڪري معصوم ٻار جي لاش کي  ڀر واري قبرستان ۾ دفنايو ويو ، ايس ايڇ او مبارڪپور ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪنهن تازو ڄاول ٻار واھ ۾ اڇلايو آهي ۽ لاش  ٻھ ٽي ڏينهن جو پراڻو هجڻ ڪري ان کي پکي وغيره پٽي ويا هئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو