موٽر وي ريپ ڪيس ۾ ڪو گرفتار ناهي ٿيو، افواهه نه پکيڙيو،آءِ جي

موٽر وي ريپ ڪيس ۾ ڪو گرفتار ناهي ٿيو، افواهه نه پکيڙيو،آءِ جي

لاهور (بيورو رپورٽ) آءِ جي پنجاب انعام غني چيو آهي ته  موٽر وي زيادتي ڪيس ۾ في الحال ڪو به جوابدار گرفتاري ناهي ٿيو. هن سوشل ميڊيا تي هلندڙ خبرن جي ترديد ڪندي چيو آهي ته مختلف ٽي وي چينلز ۽ سوشل ميڊيا تي غلط معلومات ڏني پئي وڃي. هن چيو ته جوابدارن ۽ عورت جي شيئر ڪيل تصوير به جعلي آهي، ڪيس ۾ هن وقت تائين ڪو به جوابدار گرفتار ناهي ٿيو، انعام غني ٻڌايو ته ڪيس جي جاچ جي نگراني مان پاڻ ڪريان پيو، ڪنهن ڪاميابي تي ميڊيا کي پاڻ آگاهه ڪندس، هن چيو ته غير تصديق ٿيل خبرون ڪيس تي اثرانداز ٿينديون آهن ۽ عوام جي لاءِ به گمراهه ڪندڙ آهن، ڪيس جاچ جاري آهي، جلد جوابدارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. هوڏانهن پنجاب جي اطلاعات واري وزير فياض الحسن چوهاڻ چيو آهي ته چند ڪلاڪن ۾ معمو حل ٿي ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو