شهيد صحافي قتل ڪيس جي جوابدارن جي ضمانت رد

نوشھروفيروز (رپورٽ منظور ملڪ) ماڊل ڪورٽ شهيد صحافي عزيز ميمڻ جي قتل ۾ نامزد جوابدارن جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي. محرابپور جي شھيد صحافي عزيز ميمڻ جي قتل ڪيس وارو معاملو ڪئمرامين سميت 6 ڇهن جوابدارن جي ضمانت واري درخواست رد ٿي وئي۔

Photo Sindhyar

جوابدارن ذوالفقار عرف بگو، فرحان عرف ڪارو، ارشاد، ظفر، امير عرف اميرو ۽ ڪئمرامين اويس پنهنجن وڪيلن معرفت سيشن ڪورٽ ۾ ضمانت واري درخواست ڏني هئي جنهن بعد عدالت اها درخواست ماڊل ڪرمنل ڪورٽ ڏانهن اماڻي ڇڏي هئي. اڄ وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد عبدالوحيد شيخ جي عدالت جوابدارن جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي. واضح رهي ته هلندڙ سال 16 فيبروري تي محرابپور ٿاڻي جي حد ۾ صحافي عزيز ميمڻ کي ڪوريج جي بهاني گهرائي مائيڪ واري تار سان جوابدارن گهٽا ڏئي قتل ڪرڻ بعد سندن لاش ڳوڌو مائنر ۾ اڇلائي فرار ٿي ويا هئا۔ عزيز ميمڻ بلاول ڀٽو جي ٽرين مارچ بعد خبر هلائي هئي جنهن تي پيپلزپارٽي جي مقامي قيادت ڪاوڙيل هئي. هن خبر ڏني هئي ته بلاول جي ٽرين مارچ جي استقبال لاءِ ڪرائي تي آندل ڪارڪنن احتجاج ڪيو هو ته کين طئي ڪيل معاوضو نٿو ادا ڪيو وڃي. مک جوابدار مشتاق سهتو اڃا مفرور آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو