ڪرمپور(ڪريم بخش ملڪ)مغوي نوجوان بازياب ٿي گهر پهچي ويو. جنهن بابت پوليس جي دعويٰ آهي ته 6 ڏينهن اڳ ڪرمپور جي ويجهو ڳوٺ محمد عظيم بجاراڻي کي پوليس مقابلي ۾ بازياب ڪرايو آهي. نوجوان کي مڇي جي فارم تان مبينا اغوا ٿيل نوجوان خداداد ميراڻي بازياب ٿي گهر پهچي ويو آهي ۽ علائقي ۾ ڀُنگ ڀري آزاد ٿيڻ جا چوٻول آهن.










