ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان حڪومت ٽريفڪ اهلڪار قتل ڪيس ۾ اڳوڻي ايم پي اي عبدالمجيد اچڪزئي جي بريت کي چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. اهڙو اعلان بلوچستان حڪومت جي ترجمان لياقت شاهواڻي ٽوئيٽر ذريعي ڪيو آهي. ان کان اڳ بلوچستان پوليس جي ايڊيشنل آءِ جي ٽريفڪ اهلڪار قتل ڪيس ۾ عبدالجيد اچڪزئي جي بريت کي چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو. ايڊيشنل آءِ جي بلوچستان عبدالرزاق چيمه جو چوڻ هو ته ڪيس ۾ اپيل جي درخواست جي تياري آخري مرحلي ۾ آهي، ياد رهي ته 4 سيپٽمبر تي بلوچستان جي ماڊل ڪورٽ ڪوئيٽا ۾ ٽريفڪ اهلڪار جي قتل ڪيس ۾ اڳوڻي صوبائي اسيمبلي ميمبر مجيد خان اچڪزئي کي ثبوت نه ملڻ تي بري ڪيو هو. 2017 ۾ بلوچستان جي اسيمبلي ميمبر ۽ ان وقت پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي چيئرمين مجيد اچڪزئي تي ٽريفڪ اهلڪار عطاءُ الله کي گاڏي جي ٽڪر ۾ مارڻ جو الزام هو ۽ ان جي ويڊيو به وائرل ٿي هئي.










