آغا سراج ۽ گهر ڀاتين تي فرد جرم جي ڪاروائي ملتوي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي ڪيس ۾ آغا سراج دراني ۽ سندس گهر ڀاتين تي فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو، ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ ٻڌڻي ٿي، آغا سراج دراني ۽ ٻيا جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيا، جوابدارن جي وڪيل جو چوڻ هو ته شمشاد خاتون ۽ ذوالفقار علي بيمار آهن، عدالت ۾ پيش نٿا ٿي سگهن، نيب پراسيڪيوٽر جو چوڻ هو ته مختصر تاريخ ڏني وڃي جيئن جلد ئي فرد جرم لاڳو ٿي سگهي، جڏهن ته آغا سراج دراني ۽ ٻين مٿان فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو.

پهنجو تبصرو موڪليو