لاهور(ويب ڊيسڪ) قومي احتساب بيورو نواز شريف کي پرڏيهه مان وطن گهرائڻ بابت ڪاروائي کان معذرت ڪندي چيو آهي ته عدالتي حڪم تي کيس پرڏيهه وڃڻ جي اجازت نيب نه پر وفاقي حڪومت ڏني هئي. جيو نيوز موجب ذريعن جو چوڻ آهي ته کيس ٻاهران گهرائڻ لاءِ ڪاروائي به حڪومت پاڻ ڪري نيب ان ڏس ۾ ڪاروائي نه ڪندي. احتساب بابت وزيراعظم جي خصوصي معاون شهزاد اڪبر چيو آهي ته نواز شريف کي نيب جي ڪيسز ۾ سزا مليل آهي، شهباز شريف، نواز شريف کي ڏيهه واپس گهرائڻ جي ضمانت ڏني هئي، هاڻي هو پنهنجي ڀاءُ کي ڏيهه واپس گهرائي ذميواري جو ثبوت ڏئي.لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن 0ڌيڪ چيو ته ضمانت ختم ٿيڻ بعد نواز شريف جو اسٽيٽس مفرور سزا يافته مجرم وارو آهي، وفاقي سرڪار اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي ڏيهه واپس گهرائڻ لاءِ سمورا قانوني طريقا اختيار ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته نيب سندس واپسي لاءِ درخواست ڏئي ته جيئن سزا مليل ڏوهاري جي واپسي ٿي سگهي، لنڊن ۾ نواز شريف جو علاج ٿيڻ ته پري جي ڳالهه آهي، پر کيس هڪ سئي به نه لڳي آهي، ٻن ڪيسز ۾ سزا مليل جوابدار لنڊن جي گهٽين ۾ مزا پيو ماڻي. اهو پاڪستان جي عدليه سان مذاق آهي، جنهن کي برداشت نه ڪيو ويندو، نواز شريف کي ڪيترائي ڀيرا موقعو ڏنو پر ميڊيڪل بورڊ سندس صحت جي باري ۾ اڻپوريون رپورٽس ڏنيون، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس دوران شهزاد اڪبر چيو ته اپوزيشن وارا جيترا به هيلا هلائين، کين اين آر او نه ملندو، بدقسمتي سان ماضي ۾ حڪمران مني لانڊرنگ ۾ ملوث رهيا ۽ ايف اي ٽي ايف ۾ پاڪستان کي گري لسٽ ۾ شامل ڪري ڇڏيو. ٻئي پاسي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نواز شريف کي مليل سزا خلاف داخل اپيل جي ٻڌڻي منظور ڪري ڇڏي آهي. هوڏانهن مريم اورنگزيب چيو آهي ته حڪمران پاڻ مني لانڊرنگ ۾ ملوث آهن، نواز شريف کي حڪومت پاڻ ٻاهر موڪليو ۽ ڪورونا سبب هو علاج نه ڪرائي سگهيو.










