اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري نيشنل پريس ڪلب جي نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته ملڪ ۾ صحافت جي آزادي تي سينسرشپ آهي. جاري ڪيل بيان ۾ هن وڌيڪ چيو ته آمراڻي ۽ بزدل سوچ وارا ئي آزاد صحافت کان ڊڄندا آهن. جنرل ضياالحق جي وحشياڻي آمريت خلاف صحافين جي جدوجهد بيمثال آهي. هن چيو ته سياستدانن کي دٻائڻ لاءِ نيب ۽ آزاد صحافت کي دٻائڻ لاءِ سينسر شپ استعمال ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته پيپلز پارٽي صحافت جي آزادي واري جدوجهد ۾ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هلندي. نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد جي سالياني چونڊ ۾ 4 پينل سامهون آيا پر جرنلسٽ پينل اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪئي. جنهن ۾ صدر شڪيل انجم، جنرل سيڪريٽري انور رضا، نائب صدر شاهه محمد عرف معشوق ڏيٿو، ڊاڪٽر سعديه ڪمال ۽ ٻيا ڪامياب ٿيا.










