سنڌ مان کنڀيل ڪارڪنن کي آزاد ڪريو، ادبي سنگت

سنڌ مان کنڀيل ڪارڪنن کي آزاد ڪريو، ادبي سنگت

ٺل(رپورٽ:عبدالنبي شيخ)سنڌي ادبي سنگت شاخ پاران کنڀيل انساني حقن جي ڪارڪنن جي بازيابي لاءِ احتجاج ڪندي روڊ بلاڪ ڪري ڌرڻو هنيو ويو. سنڌي ادبي سنگت ٺل۽  ميرپور ٻرڙو شاخن  پاران سارنگ جويو ۽ سنڌ جي گمشده شھرين جي آزاديء لاءِ پريس ڪلب ٺل اڳيان احتجاج ڪري ڌرڻو هنيو ويو جنهن سبب ٽريفڪ ڪجھه وقت لاءِ معطل رهي،احتجاج ۾ مختلف سياسي ،سماجي ادبي علمي فڪري ۽ سول سوسائٽي  جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي،جتي بزرگ شاعر اديب اصغر سجاڳ ـ نفيس سومرو ، اي ڪي مغل،نعمت سومرو، نياز لاشاري ٻين شھرين سنڌ حڪومت خلاف سخت نعري بازي ڪندي مطالبو ڪيو ته نوجوان دانشور اديب ۽ انساني حقن لاءِ جاکوڙيندڙ سارنگ جويو ۽ ٻين کي بنا دير آزاد ڪيو وڃي. ياد رهي ته سارنگ جويو جيڪو سنڌ جي نامياري اديب ۽ دانشور تاج جويو جو فرزند آهي، هو زيبسٽ ۾ استاد آهي ۽ کيس ڪراچي واري گهر مان 11 آگسٽ تي سادن ڪپڙن وارن ‘نامعلوم’ ويگو گاڏين وارن اغوا ڪيو هو. حڪومت  14آگسٽ تي سندس والد کي ادبي خدمتن جي مڃتا طور صدارتي حسن ڪارڪردگي ايوارڊ ڏيڻ لاءِ گهرايو هو پر هن احتجاج ڪندي ايوارڊ وٺڻ کان انڪار ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو