مريم جي نيب ۾ پيشي، چڪريون، پٿراءُ، شيلنگ، بلاول جي مذمت

لاهور (ويب ديسڪ) مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ مريم نواز نيب لاهور پاران طلب ڪرڻ بعد نيب آفيس پهچي وئي. هوءَ جلوس جي شڪل ۾ رائيونڊ کان رواني ٿي ته ليگي ڪارڪن اڳ ۾ ئي وڏي تعداد ۾ نيب آفيس جي ٻاهران موجود هئا. جن زبردست نعربازي ڪندي پوليس پاران رکيل بيريئر هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوليس کين روڪيو جنهن تان ڌِڪ ڌِڪان شروع ٿي.

Photo Twitter

ڪارڪنن پٿراءُ شروع ڪيو ته پوليس ڳوڙها گيس جي شيلنگ شروع ڪئي. پوليس ۽ ڪارڪنن ۾ دير تائين چڪريون هلنديون رهيون. پوليس کين منتشر ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪئي ته ان دوران پٿراءَ سبب مريم نواز جي بُلٽ پروف گاڏي جو شيشو ٽٽي پيو. ان بابت مريم نواز  چيو ته پوليس وارن جي پٿراءَ سبب سندس گاڏي جو شيشو ٽٽو آهي.

ياد رهي ته مريم نواز کي رائيونڊ واري زمين جي خريداري واري ڪيس ۾ جاچ لاءِ گهرايو ويو آهي ته هن زمين خريدڻ لاءِ رقم ڪٿان آندي. ميان نواز شريف ۽ شهباز شريف جي نالي ٻارنهن ٻارنهن ايڪڙ زمين آهي جڏهن ته سڀ کان وڌيڪ زمين يعني 242 ايڪڙ ايراضي سندن والدهه شميم بي بي  جي نالي آهي. مجموعي طور تي 3568 ڪنال يعني 446 ايڪڙ زمين شريف خاندان رائيونڊ ۾ 2013 ۾ خريد ڪئي هئي. بعد ۾ 2015 ۾ ڊي جي، ايل ڊي اي احد چيمه ذريعي هنن لاهور جي ماسٽر پلان ۾ ردو بدل ڪري رائيونڊ جي آس پاس واري زمين کي گرين لينڊ ڊڪليئر ڪرايوهو.

Photo Twitter

جيئن آس پاس ۾ ڪو به ڪنهن به قسم جي تعمير نه ڪري سگهي. نيب جو چوڻ آهي ته اها زمين غير قانوني طريقي سان سستي اگهه تي خريد ڪئي وئي. نيب پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته مريم کي اڪيلي بيان ڏيڻ لاءِ گهرايو هو پر هن ڪارڪن آني غنده گردي ڪئي نيب آفي تي حملو ڪيو آهي ۽ چيئرمين جي منظوري سان مٿس ڊيوٽي اٽڪاءَ جو ڪيس داخل ڪيپوويندو. نيب مريم نواز کي احڙين حالتن ۾ بيان وٺڻ کان انڪار ڪندي واپس وڃڻ جو چيو. جنهن تي مريم نواز چيو ته کيس گهرايو ڇو ويو، مان آئي آهيان بيان رڪارڊ ڪريو واپس نه ويندس. ڪافي دير هل هنگامي بعد هوءَ واپس وئي ۽ ماڊل ٽائون تي پريس ڪانفرنس جو اعلان ڪيو. ان موقعي تي ليگي اڳواڻڻ چيو ته پوليس سندن 2 درجن ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو آهي.

ٻئي پاسي بلاول ڀٽو زرداري ليگي ڪارڪنن تي لاٺي چارج ۽ شيلنگ جي مذمت ڪندي ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته طاقت جو بي جا استعمال غلط آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو