ڪراچي (ويب ديسڪ) ڪورونا لاڪ ڊائون دوران مشهور ٿيل ويڊيو ڪالنگ ايپ زوم ۾ وڌيڪ فيچر متعارف ڪرايا ويا آهن. هن ايپ ۾ هاڻي صارف پنهنجي تصوير بهتر ڪرڻ. شور شرابو گهٽ ڪرڻ، روشني وڌائڻ ۽ گهٽائڻ سميت ڪافي نوان فيچر شامل ٿيڻ سان ويڊيو جي ڪوالٽي بهتر ٿي وڃي ٿي. ورچوئل بيڪ گرائونڊ آپشنز ۾ اسڪن سموٿ، لائٽنگ ايڊجسٽمينٽ جا فيچر به موجود آهن. ياد رهي ته لاڪ ڊائون سبب آن لائن تعليمي سلسلي سبب ويڊيو ڪالنگ ايپ جو استعمال تمام گهڻو وڌي ويو آهي.










