ٻن فوجي جنرلن جي پلي بارگين جون خبرون غلط قرار

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نيب ترجمان پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته ليفٽينٽ جنرل نويد زمان ۽ ليفٽينٽ جنرل سجاد غني خلاف سوشل ميڊيا تي هلندڙ مالي بدعنواني جون خبرون بي بنياد آھن. نيب موجب فوجي آفيسرن بابت پلي بارگين ڪرڻ جون خبرون به بي بنياد آھن، سوشل ميڊيا تي واويلا ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.نيب جي ترجمان چيو آهي ته ڄاڻايل آفيسرن خلاف نيب ۾ ڪنهن مالي بدعنواني جو ڪيس نه هيو نه آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو