گهرواري کي وٺڻ لاءِ ويل نوجوان پراسرار نموني فوت

بوزدار وڏا (حسين ٽانوري)ڳوٺ ماڻڪ سيال ۾ گھرواري کي سھري جي گھران وٺڻ لاءِ ويل نوجوان اعجاز سيال پراسرار نموني فوت ٿي ويو. نوجوان جي وارثن قتل جو الزام ھڻندي بوزدار وڏا پوليس کي اطلاع ڏنو ، پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ ٺري ميرواھ اسپتال کڻائي وئي نوجوان جي وارثن امام علي  غلام نبي سيال  ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته گذريل ڏينهن اعجاز سيال پنهنجي گهرواري کي وٺڻ لاء سهري جي گھر ويل هو اڄ سهري جي گهر مان سندس لاش مليو آهي نوجوان جي وارثن جو چوڻ  آهي ته نوجوان جي سالن کيس قتل ڪيو آهي ۽ جوابدار فرار ٿي ويا آھن.هنن ٻڌايو ته 14 ڏينهن اڳ سندس شادي ٿي هئي جنهن جي گهرواري مائٽن ڏانهن گهمڻ لاء ويل هئي. سندس سهري جو چوڻ آهي ته اعجاز سيال ڦاهو کائي خودڪشي ڪئي آهي. بوزدار وڏا پوليس ايس ايڇ او غلام حيدر بروهي چيو ته پوسٽ مارٽم رپورٽ بعد حقيقت معلوم ٿيندي ۽ ان مطابق ڪاروائي ڪنداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو