پوليس چڙهائي دوران هڪ قتل ٻيو گرفتار، وارثن جو احتجاج

نوشهروفيروز (منظور ملڪ)ڳوٺ حاجي هاشم کوسو جي رهواسين پاران بلا جواز گهرن تي چڙهائي ڪري هڪ نوجوان کي مارڻ ۽ ٻئي کي کنڀي گم ڪرڻ تي نوشهروفيروز پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي ڳوٺاڻن حاجي خان کوسو، ممتاز علي، عزيزالله، غلام حيدر، انور علي کوسو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڊي ايس پي مورو عبدالله لاکير ۽ ايس ايڇ او سڌوجا سڪندر چانگ پوليس اٽالا ساڻ ڪري ڪجهه سادا ڪپڙا پاتل ماڻهن سان گڏ اسان جي گهرن تي رات جو هڪ وڳي چڙهائي ڪري عورتن ۽ ٻارڙن تي تشدد ڪرڻ بعد ٻن ڄڻن محمد يوسف ۽ معشوق علي کوسو کي کنڀڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن جي تشدد ۾ محمد يوسف فوت ٿي ويو ۽ پوليس وارا سندن لاش رستي ۾ ڦٽو ڪري معشوق علي کي کڻي ويا آهن جنهن جو هن وقت تائين ڪو به ڏس پتو نه ٿو پوي ۽ اسان جي اهڙي ايف آءِ آر به داخل نه ٿي ڪئي وڃي. هنن آءِ جي سنڌ، ايس ايس پي نوشهروفيروز سميت اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ڊي ايس پي مورو ۽ ايس ايڇ او سڌوجا خلاف ڪارروائي ڪري گم ٿيل نوجوان بازياب ڪرائي ڏنو وڃي ٻي صورت ۾ اسان جو احتجاج جاري رهندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو