اسماعيل گبول جي پوئنرن سان تعزيت جو سلسلو جاري

ٺڪراٺو (حضرت گل پٺاڻ ) گبول برادري جي چڱي مڙس محمد اسماعيل خان گبول جي پوئنرن سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي. علائقي جي سياسي، سماجي ۽ مذهبي ڌرين سان گڏ علائقي جي معزز شخصتين مرحوم جي تڏي تي پهچي تعزيت ڪئي. جن ۾  ياد رهي ته محمد اسماعيل خان گبول ڪجهه عرصو بيمار رهڻ بعد ڪالهه ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو هو جنهنجي جنازي نماز آچر تي رات دير 10 هين وڳي سندس اباڻي ڳوٺ ولودڙي لڳ ڪمال دڙو ۾ ادا ڪئي وئي هئي.

Photo Sindhyar

جنازي نماز بعد کيس اباڻي قبرستان ۾ مٽيء ماءُ حوالي ڪيو ويو هو ، جنازي نماز ۾ هزارن جي تعداد ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي مرحوم جي سوڳوارن ۾ ٽي پٽ قطب الدين ، امام بخش ۽ حاجي علي انور گبول ۽ پنج نياڻيون شامل آهن. سومر تي سندس اباڻي ڳوٺ ۾ سندس پٽن، وڏي ڀاءُ لال دين خان گبول ، سوئٽن غلام حيدر، علي حيدر، علي انور، ڀائٽين گلشير ۽ گامڻ خان گبول  ۽ ٻين سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي علائقي جي معزز شخصيتين جنهن ۾ ، حاجي مولابخش خان مھر ، حاجي زبردست خان مھر ،حاجي علي ڏنو خان مھر ، ميان خان مزاری ، اڳوڻو ايم اين اي ميان مٺو، راجا خان بجاراڻي ، محبوب خان سخيجو، سردار عبدالرحيم خان گبول ، خليل احمد خان گبول عبدالحميد خان گبول ۽ ٻين مرحوم جي تڏي تي پهچي پونئرن سان فاتحه خاني ڪئي ۽ مرحوم جي مغفرت جي دعا گهري.

پهنجو تبصرو موڪليو