مهراڻ هاءِ وي تي ٻه الڳ الڳ روڊ حادثا 4 ماڻهون زخمي

خيرپور(سجاد علي ڪٻر)ڪوٽ لالو ڀرسان مهراڻ نيشنل هاء وي  تي جلالجي وٽ ٺري ميرواھ کان ڪراچي ويندڙ وين جو لوڊر رڪشا کي ٽڪر ٿي پيو جنھن جي نتيجي ۾  رڪشي سوار ٽي ڄڻا غلام جعفر گوپانگ,جوھر عباس شيخ,  راحب تمراڻي زخمي ٿي پيا جن کي سرڪاري اسپتال فيض گنج منتقل ڪيو ويو وين ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ سمورا سوار معجزانا طور محفوظ رهيا جڏھن ته حادثي بعد وين ڊرائيور واقعي واري ھنڌ تان فرار ٿي ويو آھي ٻئي طرف مهراڻ نيشنل هاء وي حبيب جي وانڍ تي نامعلوم گاڏي جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار امام بخش ملڪ شديد زخمي ٿي پيو پيروسڻ پوليس زخمي کي ٺري ميرواھ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو