ڀاءُ کي قتل ڪري سندس سهري کي ڦاسائڻ جو معمو حل

لاکاروڊ (اظھر جلباڻي)ڳوٺ ڪوڏو خان مري ۾ چار ڏينهن اڳ قتل ٿيل 25 سالن جي نوجوان قائم الدين مري جو قاتل سندس ڀاءُ نڪتو،قتل جي الزام ۾ لاکاروڊ ٿاڻي تي گرفتار ٿيل ٻن ڀائرن  مقتول جي سهري الهورايو مري ۽ انجي ڀاءُ غلام حسين کي آزاد ڪيو ويو،اصل جوابدار اياز مري کي لاکاروڊ پوليس گرفتار ڪري ورتو.مقتول جي زال مسمات اميران جي فرياد تي لاکاروڊٿاڻي تي مقتول جي ڀاءُ اياز پٽ محمد علي مري خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.جنهن ۾ فريادڻ ڄاڻايو آهي ته اياز مري پنهنجي ڀاء سان اڻبڻت رکندو هيو ،ان ڪري اسان اتان لڏي منهنجي پيء وٽ اچي ويٺاسين،اسان زال مڙس گهر جو رهيل سامان کڻڻ وياسين ته اياز بندوق جا فائر ڪري پنهنجي ڀاء کي قتل ڪيو ،هن مونکي به مارڻ جي ڪوشش ڪئي پر مون ڀڄي جان بچائي.ياد رهي ته قتل واقعي بعد مقتول جي پيء محمد علي مري لاکاروڊ ٿاڻي تي ڄاڻايو هيو ته سندس پٽ کي ان  جي سهري سميت اٺ ڄڻن حملو ڪري قتل ڪيو آهي،جنهن بعد پوليس سندس سهري ۽ هن جي ڀاءُ کي گرفتار ڪيو هيو،پر علائقي ۾ ڀاء هٿان ڀاء جي قتل جا چوٻول هلڻ بعد ڊي ايس پي محرابپور مخدوم غلام محمد ۽ ايس ايڇ او لاکاروڊ واقعي واري هنڌ پهچي معلومات ورتي ته کين معلوم ٿيو ته ڀاء کي ڀاءُ گهرو اڻبڻت تان قتل ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو