ٽنڊو باگو ۽ مورو وهنجدي 2 نوجوان ٻڏي فوت ٿي ويا

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ عيد جي موقعي تي سمنڊ، دريائن ۽ واهن وهنجڻ تر پابندي تي عمل نه ٿيو. مورو لڳ واهه ۾ وهجندي هڪ نيننگر کي بچايو ويو پر ٻيو ٻڏي ويو. جڏهن ته ٽنڊو باگو ۾ به هڪ  نوجوان ٻڏي فوت ٿي ويو. ****نوشھرو فيروز مان منظور ملڪ موجب موري ڀرسان نصرت ڪئنال ۾ وهنجندي پڊعيدن ٽائون واسي  2 نينگر نينگر اوچتو ٻڏڻ لڳا رڙين تي نصرت ڪئنال ڀرسان بيٺل ماڻھن ھڪ نينگر 12 ورهين جي عبدالقدير شاھ کي ٻڏڻ کان بچائي ورتو جڏھن ته ٻي13 ورهين جو نينگر اياز علي پٽ ايوب شاھ ٻڏي ويو ٻڏي ويل نينگر جي مقامي ٽوٻن ذريعي ڳولا جاري هئي.

PPhoto Sindhyar

****ٽنڊوباگو مان ڄام سھيل سمون موجب راڄوخاناڻي لڳ علي پور ريگيوليٽر تي وھنجڻ لاء ويل راڄو خاناڻي جي وارڊ نمبر 2 جو رھواسي 20سالا نوجوان جمعو عرف ڏاڏا  ولد محمد سليم خاصخيلي ٻڏي فوت ٿي ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو