مهانگائي تي ڪنٽرول نه ٿيو، کنڊ ۽ پيٽروليم جي اگهن ۾ واڌ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت مهانگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي. هڪ پاسي کنڊ ي جي ٻيهر پيدا ڪيل هٿرادو بحران سبب کنڊ جي قيمت 100 روپيا في ڪلو گرام ٿي وئي آهي ته ٻئي پاسي وفاقي حڪومت عيد جي ڏينهن پيٽرول ۽ ڊيزل جا اگهه وڌائي عوام کي عيدي ڏني آهي. پيٽرول جي قيمت ۾ 3 روپيا 86 پيسا اضافي کانپوءِ نئين قيمت 103 روپيا 97 پيسا ٿي وئي آهي، ڊيزل جي قيمت ۾ 5 روپيا واڌ بعد نئين قيمت 106 روپيا 46 پيسا ٿي وئي آهي. جڏهن ته گاسليٽ جي قيمت ۾ 5 روپيا 97 پيسا واڌ بعد نئين قيمت 65 روپيا 29 پيسا مقرر ڪئي وئي آهي. لائٽ ڊيزل جي قيمت ۾ 6 روپيا 62 پيسا واڌ بعد نئين قيمت 62 روپيا 86 پيسا في لٽر ڪئي وئي آهي. گهريلو ايل پي جي سلينڊر جي قيمت ۾ به 18 روپيا 48 پيسا واڌ ڪئي وئي آهي ۽ 11.8 ڪلوگرام جي گيس وارو سلينڊر هاڻي 1363 روپيا 55 پيسن ۾ ملندو.

پهنجو تبصرو موڪليو