سنڌ ۾ سومر تي موڪل، وفاقي ملازمن کي حاضر رهڻ جو حڪم

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت عيد جي موڪلن ۾ هڪ ڏينهن جو واڌارو ڪندي سومر تي صوبي ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو آهي، ان ڏس ۾ چيف سيڪريٽري ممتاز شاهه جي صحيح سان نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي. جڏهن ته وفاقي حڪومت ڪورونا سبب ڪيل موڪلون ختم ڪري وفاقي کاتن جي سڀني ملازمن کي چيو آهي ته معمول موجب سومر کان آفيس ۾ اچو. اهڙو نوٽيفڪيشن وفاقي حڪومت جاري ڪيو آهي ۽ ملازمن کي چيو آهي ته صبح 9 کان شام 5 وڳي تائين پنهنجي پنهنجي آفيسن ۾ ڪم ڪار ڪريو.

پهنجو تبصرو موڪليو