پوليس تي ڳوٺاڻو کنڀڻ ۽ تشدد ۾ قتل جو الزام، احتجاج

نوشهروفيروز (رپورٽ منظور ملڪ)ڳوٺ مينهون خان کوسو ۾ رات دير سان مختلف ٿاڻن جي پوليس ڳوٺ تي چڙهائي ڪري ٽن ڳوٺاڻن محمد يوسف، هدايت الله کوسو ۽ معشوق کوسو کي کنڀي کڻي وئي. رستي ۾ پوليس جي تشدد سبب ڳوٺاڻو محمد يوسف کوسو فوت  ٿي ويو جنهن جو لاش پوليس رستي ۾ ڦٽو ڪري سندس ڀاءُ هدايت الله کوسو کي به ڇڏي باقي هڪ ڄڻي معشوق کوسو کي کنڀي کڻي وئي. ڳوٺاڻن پاران پوليس جي بنا جواز گهرن تي چڙهائي ۽ تشدد ۾ فوت ٿي ويل نوجوان واري عمل خلاف لاش کڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيوو يو ان موقعي تي ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته پوليس اسان جي گهرن مٿان بنا جواز چڙهائي ڪئي آهي اسان مٿان ڪو به ڪيس ناهي نه اسان ڪنهن ڏوھ ۾ ملوث آهيون پوليس اسان جي نوجوان کي تشدد ڪري ماريو آهي. ڳوٺاڻن آءِ جي سنڌ سميت اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ايس ايس پي نوشهروفيروز الطاف لغاري ۽ ڊي ايس پي اعجاز احمد ميمڻ کي هٽائي اسان سان انصاف ڪيو وڃي. پوليس جو چوڻ آهي ته اسان ڳوٺ تي چڙهائي ناهي ڪئي خبر ناهي ته ڪٿان جي پوليس هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو