اغوا ٿيل 2 ڊمپر ڊرائيور بازياب 6 ڏوهاري گرفتار

غوثپور(ن سنڌيار) ڪشمور ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس ايس ايس پي ڪشمور سيد اسد رضا شاھ جي حڪم تي ايس ايڇ او دراني مھر پوليس جي حد ۾ ڏوهارين سان  مقابلو ڪري اغوا ٿيل ٻن ڊمپر ڊرائيورز کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. مغوين کي گذريل ڏينهن روهڙي کان پٿر پهچائڻ جي ڪم دوران ڪي ڪي بچاءُ بند تان اغوا ڪيو ويو هو. بازياب ٿيلن ۾ سليم الله ۽ فرقان الله پٺاڻ شامل آهن. ٻئي مغوي بڊاڻي جي ڪي ڪي بچاءُ بند تي پٿر پهچائڻ جي ڪم ۾ مصروف هئا ته کين ڌاڙيل اغوا ڪري ويا هئا. ان حوالي سان ايس ايس پي ڪشمور سيد اسد رضا شاھ جو چوڻ هو ته پوليس ٻنهي مغوين کي آپريشن بعد باحفاظت طريقي سان بازياب ڪرائي ورتو آهي. هن چيو ته ڌاڙيل ٻنهي مغوين کي اغوا ڪري درياهه پار  ڪري ڪچي طرف کڻي وڃڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا ته ڪارروائي ڪئي وئي. هن ٻڌايو ته پوليس 6 ڄڻن  کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو