ماڊرن پبلڪ اسڪول جي پوزيشن حاصل ڪندڙ ٻارن کي انعام ڏيڻ جي تقريب

ماڊرن پبلڪ اسڪول جي پوزيشن حاصل ڪندڙ ٻارن کي انعام ڏيڻ جي تقريب

سلطانپور(رپورٽ زاهد مهر) معياري تعليم طور بهترين ساک رکندڙ اداري ماڊرن پبلڪ اسڪول ڳوٺ جلال انڍڙ ۾ سالياني امتحان جو نتيجو پڌرو ڪرڻ جي موقعي تي هڪ شاندار تقريب منعقد ڪئي وئي. جنهن ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين سميت سندن والدين ۽علائقي واسين ڳوٺاڻن شرڪت ڪئي. پروگرام جو مهمان خاص پ پ اڳواڻ ميان محمد عابد انڍڙ، اعزازي مهمانن ۾ ميان علي گوهر انڍڙ، محمود مهر، شاهد مغل، آصف مهر، استاد نظير انڍڙ ۽ ٻيا شامل هئا.  تقريب ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين مختلف سلسلن ٽيبلوز، خاڪن، لطيفن ۽ تقريري مقابلي ۾ ڀرپور حصو ورتو.

پروگرام ۾ اسڪول جي چيئرمين حاجي عبدالواحد انڍڙ ۽ پرنسپال ذيشان اقبال آرائين، والدين ۽ آيل مهمانن جو آڌر ڀاءُ ڪندي کين اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا. تقريب ۾ والدين ۽ مھمانن پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي ٻارڙن کي معياري تعليم ڏيڻ ۽ شاندار پروگرام ڪرڻ تي اسڪول انتظاميا کي خراج پيش ڪيو. پروگرام دوران ڪي جي کان اٺين ڪلاس  تائين جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي سندن ڪلاسن ۾ پهرين، ٻين ۽ ٽين پوزيشن حاصل ڪرڻ تي انعام ڏنا ويا، تقريب جي ڪارروائي اسڪول جي استادن شهباز علي انڍڙ، ميان جميل انڍڙ، اسدالله انڍڙ ۽ وقار شيخ هلائي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو