پارڪ لين ڪيس ۾ زرداري تي فرد جرم جي ڪاروائي ملتوي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اڳوڻي صدر آصف علي زرادري تي پارڪ لين ڪيس ۾ سندس وڪيل جي درخواست سبب هڪ دفعو ٻيهر احتساب عدالت فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي ڪاروائي ملتوي ڪري ڇڏي. احتساب عدلات جي جج اعظم خان آڏو آصف علي زرداري ويڊيو لنڪ ذريعي بلاول هائوس ڪراچي مان پيش ٿيو. سندس بيڊ روم ۾ نيب ڪراچي جي ٽيم ويڊيو لنڪ لڳايو ان موقعي تي زرداري بستري تي ليٽيو پيو هو ۽ اتان عدالت ۾ پنهنجي وڪيل فاروق نائڪ سان ڳالهايو. جنهن کيس ٻڌايو ته هن فرد جرم لاڳو نه ڪرڻ بابت درخواست ڏني آهي جنهن تي فيصلو اچڻ تائين هو فرد جرم لاڳو نٿا ڪري سگهن. نيب جي وڪيل چيو ته هي معاملي کي اينگهائڻ گهرن ٿا. فاروق نائڪ چيو ته اوهان کي جلدي ڪهڙي آهي ٻيا ڪيس به ته آهن. صدر زرداري جي طبيعت خراب آهي ، هو ملڪ جو صدر رهيو آهي، بيماري جي حالت م ويڊيو لنڪ تي عدالت ۾ پيش ٿي رهيو آهي هو ڪيڏانهن ڀڳو ته نٿو وڃي. جنهن تي جج چيو ته هڪ سال ٿي ويو آهي ريفرنس داخل ڪئي کي، ڪاروائي اڳتي وڌائڻي آهي.  بهر حال عدالت فرد جرم لاڳو ڪرڻ کانسواءِ ڪاروائي 14 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ياد رهي ته نيب جو الزام آهي ته 2460 ڪنال زمين جنهن جي ماليت 2 ارب روپيا آهي، اسلام آباد ۾ هن ڪمپني جي نالي صرف 62 ڪروڙ ۾ خريد ڪئي وئي. فاروق نائڪ جو نقطو آهي ته جنهن  وقت هن ڪمپني اها زمين خريد ڪئي ان وقت ان جو مالڪ آصف علي زرداري نه هو نه ئي ان جو ڊائريڪٽر هو.

پهنجو تبصرو موڪليو