زالن جي چوڻ تي پٽ ماءُ کي قتل ۽ ڀيڻ کي زخمي ڪري فرار

خيرپور ناٿن شاهه(برڪت چانڊيو)رحمت الله ڪالوني ۾ ڪنڌ ڪوٽ واسي سڳن پٽن دلشاد سهرياڻي، بهادر سهرياڻي ۽ علي حسن سهرياڻي گهرو اڻبڻت تان پنهنجي سڳي ماءُ مسمات گل ناز سهرياڻي کي گوليون هڻي ٿڏي تي قتل ڪري فرار ٿي ويا. جڏهن ته ان موقعي تي  قتل ٿيندڙ عورت جي ڌيءَ نسيم ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته منهنجي ڀائرن  پنهنجي زالن جي چرچ تي امڙ کي قتل ڪيو. هن ٻڌايو ته مان وچ ۾ آيس پئي ته هنن مونکي به سڌيون گوليون هنيون پر مون پاڙي ۾ ڀڄي جان بچائي. هن مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي جلد گرفتار ڪري سخت کان سخت سزا ڏني وڃي. ٻئي پاسي جاءِ واردات تي ڪي اين شاهه ٿاڻي جو ڊي ايس پي پير بخش چانڊيو پوليس نفري ساڻ ڪري پهتو ۽ واقعي جا تفصيل معلوم ڪيا. ان بعد ٻورڙي ٿاڻي جي  پوليس پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي تعلقه اسپتال ڪي اين شاه پهچايو. جتي ڊاڪٽرن طرفان لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. واقعي جو ڪيس ٻورڙي ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو ۽  پوليس طرفان هن وقت تائين ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي هئي. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن کان رحمت الله ڪالوني ۽ مير ڪالوني ۾ چورن ۽ ڦرن جي وارڌاتن ۾ اضافو ٿيندو پيو وڃي جنهن ڪري اتان جي رهواسين جون ننڊون حرام ٿي ويون آھن.

پهنجو تبصرو موڪليو