سنڌ مان ڌارين جي نيڪالي لاءِ مختلف شهرن ۾ احتجاج

ڪراچي (نمائندن وٽان) جسقم سميت سنڌ جي قومپرست ڌرين جي سڏ تي ڌارين کي نيڪالي ڏيڻ، افغانين سميت ٻين صوبن جي ماڻهن کي سنڌ ۾ ڪوڙا ڊوميسائيل ٺاهي روزگار ڏيڻ خلاف ۽ ڌارين کي سنڌ مان نيڪالي ڏيڻ لاءِ مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. ***نوابشاهه  مان اي ڪي ڏاهري موجب جسقم ضلعي نوابشاهه پاران سنڌ مان افغاني ڌارين کي نيڪالي ڏيڻ لاءِ جسقم ضلعي صدر علي رضا خاصخيلي، ھاشم لغاري، ھدايت الله تنيو، منير ابڙو، سيد ناصر شاهه، عنايت چانڊيو، راشد چانڊيو، حسن ڪلھوڙو، طفيل سومرو، ڪاشف لاکو، فرمان ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نئين ناڪي کان ھڪ ريلي ڪڍي وئي جيڪا شھر جو گشت ڪندي  پريس ڪلب پھتي جتي اڳواڻن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته اڄ افغاني ڌارين جو مدو پورو ٿي رھيو آھي جنھن جي ڪري حڪمران جيڪي انڌا، ٻوڙا ۽ گونگا ٿي ويا آھن انھن کي ياد ڏياريون ٿا ته افغانين کي پنھنجي مدي پوري ٿيڻ تي سنڌ مان نيڪالي ڏني وڃي ڇاڪاڻ جو ڌاريا سنڌ ۾ مذھبي انتھا پسندي، بنياد پرستي، بدامني، دھشتگردي جو سبب بڻيا آھن، ھنن چيو ته دنيا جي عالمي قانون مطابق ڌرتي ڌڻين جي رضامندي کانسواءِ ڪنھن کي به اھو حق ناھي ته ٻاھر کان آيل ڌارين کي آباد ڪري انھن کي قانوني شڪل ڏني وڃي، ھنن چيو ته 1954 کانپوءِ حڪمرانن جي طاقت جي زور تي ٻاھر کان آيل سمورن ڌارين کي سنڌ ۾ غير قانوني آباد ڪرڻ انھن کي سھولتون فراھم ڪرڻ غير اخلاقي ۽ عالمي قانون جو ابتڙ عمل سمجھون ٿا، ھنن چيو ته سڄي دنيا ۾ ڌارين کي پنھنجي پنھنجي وطن مان نيڪالي ڏني پئي وڃي پر ھنن حڪمرانن سنڌ کي عالمي يتيم خانو بڻائي دنيا جي تڙيل ۽ دھشتگردن کي سنڌ ۾ زبردستي طاقت جي زور تي آباد ڪيو پيو وڃي جنھن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي، اڳواڻن مطالبو ڪيو ته افغاني ڌارين کي پنھنجي مدي مطابق سنڌ مان نيڪالي ڏئي سنڌ جي ماڻهن مان بي چيني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاجي تحريڪ ھلائي ويندي. ***ٽنڊوباگو مان ڄام سهيل سمون موجب سنڌ ۾  ڌارين کي ڪوڙا ڊوميسائيل ٺاهي ڏيڻ، ڌارين جي آبادگاري ۽ ڪراچي ۾ مظاهرين تي تشدد ڪرڻ واري عمل خلاف پريس ڪلب اڳيان قومي عوامي تحريڪ جي بچل احمداڻي، زين العابدين شاھ ۽ احمد شاھ جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪيو ۔ مظاهرين مطالبو ڪيو

ته ڌارين کي ٺاهي ڏنل سمورا ڪوڙا ڊوميسائيل رد ڪري سنڌ مان ڌارين کي فوري نيڪالي ڏني وڃي. ****سڪرنڊ مان راجڪماراوڏ مطابق جسقم تعلقي سڪرنڊ پاران سنڌ ۾ ڌارين جي آباد گاري جي خلاف جسقم تعلقي سڪرنڊ جي جنرل سيڪريٽري. مورڙيو ميربحر غوث بخش ڪيريو. الياس علي جوڻيجو. غلام شبير مگسي.خيرمحمد لاکو. جسقم آريسر گروپ جي ذولفقار علي کوکر. عوامي ورڪرس جي اڳواڻ جاويد علي سولنگي. ۽ ٻين پاران صحافي چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌارين جي آبادگاري جي خلاف سخت نعري بازي ڪئي ان موقعي تي  اڳواڻن خطاب ڪندي چيو آھي ته ڌارين جو مدو 30جون تي ختم ٿي چڪو آھي ليڪن حڪومت پاران اڃان تائين ڌارين کي سنڌ مان نيڪالي وارو عمل شروع ناهي ٿيو.

هنن چيو ته سنڌ ۾ رهندڙ افغاني بنگالي برمي سميت ٻين ڌارين کي سنڌ مان فوري طور نيڪالي ڏني وڃي سنڌ ۾ ڌارين جي رهڻ ڪري سنڌ جا ماڻهون بيروزگاري بدحالي جي ڪري خودڪشي ڪرڻ تي مجبور آھن اڳواڻن چيو ڌارين جي آبادگاري جي ڪري سنڌ ۾ دهشت گردي عروج تي ٿي رهي آھي هنن وڌيڪ چيو ته قومپرست جي ڌارين جي نيڪالي جي ڏنل سڏ بعد حڪومت پاران قومي ڪارڪنن جي گهرن ۾ گهڙي عورتن تي تشدد ۽ چادر چوڌيواري جو تقدس پائمال ڪري اسان جي قومي ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو پيو وڃي جيڪا سراسر سنڌ جي ماڻهن سان نا انصافي آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو