نواب شاھ (ن س)بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ عبدالغني اڄڻ ۾ ھٿياربندن جي گھرن تي ڪاھ گھر ۾ ويٺل عورتن ۽ مردن ۽ ٻارڙن تي تشدد ۽ فائرنگ ، ٽن عورتن سميت پنج ڄڻا زخمي ٿي پيا جن کي نواب شاھ جي پي ايم سي اسپتال نواب شاھ آندو ويو زخمين ۾ مسمات مهناز ،مسمات خالده ،مسمات عرفانه ، ذوالفقار اڄڻ ، قمبر علي اڄڻ شامل آھن زخمين ميڊيا آڏو کي ٻڌايو ته گمبٽ جي رھواسي مختيار اڄڻ سندس پٽ اعجاز علي ۽ لياقت علي ۽ نامعلوم مسلح ماڻھن سان گڏ اسان جي گھرن تي ڪاھ ڪري فائرنگ ڪندي گھرن ۾ عورتن ۽ مردن کي سخت تشدد ۽ ھٿيارن جا قنداق ھڻي سخت زخمي ڪري مسمات شازيه زال ذوالفقار اڄڻ ۽ سندس پنج معصوم نياڻين کي زبردستي اغوا ڪري ويا آھن جنھن جو فرياد اسان بي سيڪشن ٿاڻي تي داخل ڪرڻ ويا سين پوليس ڪيس وٺڻ بدران انھن جي ساٿاري بڻيل آهي اسان جو پنھنجو پاڻ ۾ مٽي مائٽي ٿيل آھي اسان جي نياڻي انھن جي گھر ۾ڏنل آهي ۽ انھن جي نياڻي اسان جي گھر ۾ ڏنل آهي ۽ اسان کي شڪ آهي ته اسان جي نياڻي ثميرا زال محمد علي اڄڻ انھن جي قيد ۾ آھي اسان آئي جي سنڌ ، ڊي آئي جي شھيد بينظيرآباد ، ايس ايس پي کان پر زور مطالبو ٿا ڪريون ته جوابدارن جي خلاف ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪيا وڃن.










