گوگل ملازمن کي “زوم” استعمال ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گوگل ڪمپني پنهنجي ملازمن کي “زوم ايپ” استعمال ڪرن کان روڪي ڇڏيو آهي. زوم ايپ ڪانفرنس ڪال لاءِ استعمال ٿيندي آهي ۽ گوگل جو چون آهي ته ان جا سيڪورٽي معيار سٺا ناهن ۽ ڪو به ان جي ذريعي هيڪ ڪري ڪنهن به ڪيمرا بند ڪري يا معلومات چوري ڪري سگهي ٿو. زوم ايپ دنيا ۾ لاڪ ڊا.ون کانپوءِ بيحد مقبول ٿي ۽ ان جي استعمال ۾ اضافو ٿيو هو. حالنڪ گوگل جي پنهنجي ايپ “دي ورج” موجود آهي پر گوگل جا ملازم زوم استعمال ڪن پيا. گوگل ملازمن کي ذاتي فون تي زوم استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏني هئي. ياد رهي ته زوم متعارف ڪرائندڙ ان ۾ خامين کي تسليم ڪندي 90 ڏينهن ۾ بهتر ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو