ڪورونا سبب قيدين جي ملاقات بند، جج کي اپيل

گهوٽڪي ( عرفان علي سومرو) ڊسٽرڪٽ جيل گهوٽڪي ۾ باريڪن اندر بند ٿيل قيدي هڪ هڪ باريڪ ۾ 40 کان 50 قيدي گڏ قيد آهن ،مگر جيل انتظاميا ڪورونا وائرس جو سبب ڄاڻائي ملاقات بند ڪري ڇڏي آهي. هڪ قيدي انصاف علي ڊسٽرڪٽ جيل گهوٽڪي ۾ قيد آهي ان صحافين کي خط لکيو ته ڪورونا وائرس جو سبب ڄاڻائي اسان جي پيارن مائٽن ۽ دوستن سان ملاقات بند ڪئي وئي آهي پر ٻئي طرف جمعي جي نماز جماعت سان جاري آهي، هڪ هڪ باريڪ ۾ 40 کان 50 قيدي گڏ قيد ٿيل آهن مگر جيل انتظاميا کي ٻيو ڪجهه به نظر نٿواچي. جيل اندر ڊيوٽي ڪندڙ پوليس اهلڪار توڻي جيل اندر صفائي ڪندڙ عملو بغير ڪنهن احتياط جي اچن وڃن ٿا انهن تي پاپندي ڪو نه مڙهي وڃي ٿي. هن چيو ته مان ۽ مونسان گڏ قيد ٿيل قيدي ملڪ جي اعلي عدالت سپريم ڪورٽ آف پاڪستان سنڌ هاءِ ڪورٽ ،آءِ جي جيل ، وزير اعليٰ سنڌ ۽ ڊسٽرڪٽ سيشن جج کان مطالبو ڪيو آهي ته اسان جا ڪيس به نٿا هلايا وڃن ڪيس هلايا وڃن ۽ اسانجي پنهنجي عزيزن  قريبن سان ملاقات ڪرائي وڃي ۽ ڊسٽرڪٽ سيشن جج گهوٽڪي کي التجا آهي ته گهوٽڪي جيل جو دورو ڪن  ۽ قيدين جا ڏک سور ٻڌن ۽ ننڍن ڪيسن وارن قيدين کي آزاد ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو