وفاق پاران روڊ کولڻ ۽ سنڌ پاران پمپ بند ڪرڻ جا اعلان

ڪراچي (ويب ديسڪ) وفاقي حڪومت سڄي ملڪ ۾ قومي ساهراهون کولڻ جو اعلان ڪيو آهي جيئن سپلاءِ لائن بحال رهي ۽ ماڻهن کي ڪنهن حد تائين روزگار به ملي. اهڙو فيصلو وزيراعظم عمران خان جي صدارت م ٿيل اجلاس م ڪيل مشاورت بعد ڪيو ويو. هوڏانهن سنڌ حڪومت صوبي ۾ صبح 8 وڳي کان شام 5 تائين پيٽرول پمپ کليل رکڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته شام 5 کان صبح 8 تائين پيٽرول پمپ ۽ گيس اسٽيشن بند رکيون وينديون. سنڌ حڪومت پاران جاري ڪيل اعلان موجب هاءِ ويز وارا پمپ بدستور کليل رهندا ۽ پابندي رڳو شهرن وارن پمپن تي لاڳو هوندي.

پهنجو تبصرو موڪليو