ڪورونا وائرس، چيني ماڊل، ڪرو يا مرو، وصعت الله خان

هونئن ته انسان ذات ڏاڍي ئي عجيب مخلوق آهي پر انسانن ۾ به جيڪڏهن درجا بندي ڪئي وڃي ته اسان ڏکڻ ايشيا وارا سڀ کان الڳ آهيون. سو رپين جي اوڌر تي قتل ڪري ڇڏيندا سين، خانداني ۽ ديني غيرت جا ماريل سسي وڍي ڇڏينداسين، هميشه پاڻ بدران ٻين کي مشورو ڏينداسين، ڳالهه ڳالهه تي رياستي نااهلي کي پنهنجي انفرادي ۽ اجتماعي افعالن جو ذميوار قرار ڏينداسين پر جڏهن آزمائش جو وقت ايندو ته عقل جا ائٽم بم کي ڪم ۾ آڻڻ بدران جذبن جي بحالي، تاويل جي تلوار، فضول بحثي جا پستول، انڌي عقيدي جا نيزا، تعصب جون منجنيق ۽ افواهن جي بندوق سان هر آفت ۽ مرض جو مقابلو ڪرڻ کي افضل سمجهندا آهيون. مثال طور باقي دنيا عالم اسلام سميت پوليو جو مقابلو ويڪسين ۽ آگاهي سان ڪري رهيا آهن ۽ سئو سيڪڙو ڪامياب آهن، پر اسان پوليو کي جهالت جي توپ سان اڏائڻ تي بضد آهيون، نتيجو توهان جي سامهون آهي. جنهن کي عيد جي نماز کانسواءِ باجماعت نماز جو ڪو به تجربو ناهي، اهي حرم شريف ۾ نماز نه ٿيڻ تي سعودين کان به وڌيڪ ڏکويل ۽ ڪاوڙيل آهن. جنهن هميشه ذخيره اندوزي کي حلال سمجهيو، اهو الله تعالي کان ڊڄڻ جي تلقين ڪري رهيو آهي.جنهن جهاد تي پنهنجو ڪوبه ٻار ناهي موڪليو اهو ٻڌائي رهيو آهي ته عام وبا ۾ مرڻ شهادت آهي. جنهن جي دڪان تان ٻه نمبري جي شق سبب ڪو وکر وٺڻ پسند نه ڪن انهن ڪورونا جو ديسي علاج سوشل ميڊيا تي موڪلڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. جيڪو پاڻ کي دل جو اسپيشلسٽ چئي رهيو آهي اهو وائرالاجي ۾ گهري مشوره ڏئي رهيو آهي ته هر اڌ ڪلاڪ بعد هيئر ڊرائير سان نڪ جا وار گرم ڪن ته جيئن وائرس اندر نه گهڙي . وزيراعظم جو ڪم آهي ته هو ان جنگ ۾ قوم جي قيادت ڪري پر ان کي به اميد آهي ته ڪورونا  گرم موسم شروع ٿيندي ئي گم ٿي ويندو. گورنر پنجاب نه صرف پاڻ قائل آهي پر ٻين کي به قائل ڪري رهيو آهي ته پاڻي پيئندا رهو ته جيئن وائرس آهسته سان ترڪي ڪري معدي ۾ پهچي وڃي جتي تيزابي عنصر ان کي ختم ڪري ڇڏين. سرحد پار به اهڙا ئي تماشا ٿي رهيا آهن، ڳئون جي پيشاب سان ڪورونا جو گڏيل علاج ڪرڻ وارا پاڻ بيمار ٿي پيا آهن پر ان جا فضائل بيان ڪرڻ کان باز نه ٿا اچن، هڪ ارب پتي ساڌو آيورويڌڪ جڙي ٻوٽين مان علاج جو مشورو ڏنو آهي ڇو ته ان ساڌو جي پنهنجي آيورويڌڪ دوا ساز ڪمپني آهي. مطلب هي آهي ته صابڻ سان هٿ ناهن ڌوئڻا، سينيٽائزر ۽ ماسڪ جو استعمال ناهي ڪرڻو ، اجتماعيت يا ميڙاڪن ۾ وڃڻ کان ناهي مڙڻو ۽ گهر ۾ آرام سان ناهي ويهڻو ان کان علاوه تمام ڪم  ڪرڻا آهن. پاڻ کي به ڌوکي ۾ رکڻو آهي ۽ لکين ماڻهن کي به ورغلائڻ جاري رکڻو آهي ۽ جڏهن اهي ئي لکين ماڻهون خدانخواسته مکين وانگر مرڻ لڳا ته اهي ئي دوکيباز چوندا ته انسان بيوس آهي جيڪو ڀڳوان يا الله کي منظور. پر قصور انهن سڀني جو به ناهي اسانجي پنهنجي نفسيات ڪهڙي مثالي آهي هي ته خير ڪرونا آهي. مون بذات خود اکين سان 2010 جي وڏي ٻوڏ ۾ ڏٺو آهي ته انتظاميه ڳوٺ وارا کي هٿ ٻڌندا رهيا ته گهرن کي خالي ڪري ٻيڙين ۾ ويهي رهو ته جيئن توهان کي ڪئمپن تائين پهچائي سگهجي، ڇو ته 24 ڪلاڪن ۾ پاڻي توهانجي ڳوٺ کي ٻوڙي ڇڏيندو پر اڪثريت گهر ڇڏڻ کان اهو چئي انڪار ڪري ڇڏيو ته اسان جي پويان گهرن جي حفاظت ڪير ڪندو. جڏهن 24 ڪلاڪن بعد پاڻي 7 يا 8 فوٽن تائين اچي ويو ته ڳوٺ وارا ڇتين تي چڙهي حڪومت کي برو ڀلو چئي رهيا هئا ته حڪومت اسان کي اڪيلو ڇڏي ڏنو آهي. هن وقت هڪ ئي ماڊل ڪم جو آهي ۽ اهو آهي چيني ماڊل ڪيو يا مرو. هي چوڻي به صرف برصغير ۾ ئي چئي ويندي آهي ته لاتون ڪي بهوت باتون سي نهين مانتي،ڪاميٽيون ويهارڻ ۽ بحث ڪرڻ جو وقت گذري ويو، توهان جيترن ماڻهن کان مشورو وٺندئو اوترا ئي مونجهاري جو شڪار ٿيندا ويندئو ان ڪري هيئنر يا ڪڏهن به نه جو مرحلو اچي پهتو آهي. هي اسان جو گيلي پولي آهي، جڏهن گيلي پولي تي مغربي فوج  چئني طرفن کان حملو ڪيو هو ته ڪمال اتاترڪ پنهنجي سپاهين کي چيو هو ته آءُ توهان کي وڙهڻ جو نه مرڻ جو حڪم ڏيان ٿو، ۽ پوءِ دنيا ڏٺو ته گيلي پولي جو ميدان ترڪ فوجن فتح ڪيو هو . هن وقت هڪ ئي ماڊل ڪم جو آهي ۽ اهو آهي چيني ماڊل ڪر يا مر. (بشڪريه بي بي سي اردو، سنڌيڪار سليم فضل ڪلهوڙو)

پهنجو تبصرو موڪليو