سنڌوءَ ۾ چاڙهه ڪچي جي هيٺاهين وارا تيار فصل ٻڏي ويا

مانجهند )مهراڻ عمراڻي( سنڌو درياءَ ۾ اچانڪ چاڙھ سبب  ڪچي واري علائقي ۾ هيٺائين هنڌن تي سوين ايڪڙن تيار ٿيل فصل ٻڏي ويو، مانجهند، کماڻ، ٻٺو آمري، سن لاکا، خاڻوٺ، انڙپور، راڄڙي ديهن ۾  وڌيڪ چاڙھ سبب آبادگارن کي ڳڻتي ورائي وئي هزارين روپيا خرچ ڪري پنهنجي مدد پاڻ تحت ٽريڪٽر ذريعي بند ڏيڻ جو ڪم هلندڙ آھي آبادگارن جو چاڙھ سبب هزارين ايڪڙ تيار ٿيل فصل چڻا ڪڻڪ مٽر ڌاڻا مسور ٻڏي تباهه ٿي ويو جنهن ۾ وياج تي قرض کڻي فصل تيار ڪندڙ ڪيترائي آبادگار هاري قرضن ۾ وڪوڙجي وياسندن ڳڻتي ۾ ٻئي هٿ مٿي تي اچي ويا. آبادگارن جي سرڪار پاران ڪا به مدد نه هئڻ سبب صرف الله تعالا جي آسري آذانون ڏئي ٻاڏائڻ لڳا آبادگار فهد خان ڪاڇي ٻڌايو ته اچانڪ سنڌو درياء ۾ چاڙھ سبب تيار ٿيل لکين روپين جو فصل ٻڏي ويو آھي جنهن ۾ سرڪار  کي اپيل ٿي ڪجي ته ڪوٽڙي بئراج جا ڪجهه در کولي ڪچي جي هزارين ايڪڙ تي بيٺل فصلن کي بچايو وڃي. جڏهن ته تباهه ٿيل فصل جي ٻج ۽ خرچ ڏئي وياج کان بچايو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو